SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Diplomatic Corps

(click word to listen sound
  • 🔊
  • dipləmætik
  • corps
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Diplomatic Corps

ڊپلومئٽڪ ڪور

سفارتي عملو-دستو

هي حلقو ڪنهن به مُلڪ جي راڄڌانيءَ ۾ مقرر ٿيل مختلف مُلڪن جي سفيرن ۾ رابطن ۽ واسطيدارين لاءِ لاڳاپيل سفيرن طرفان قائم ڪيو ويندو آهي. ساڳي طرح مختلف ملڪن جا ”قونصل“ گڏجي مقرريءَ واري ملڪ جي مُک شهرن ۾ قائم قونصل خانن جو حلقو جوڙيندا آهن. انهن حلقن جا مُکي (Deans) عام طور تي ساڳئي ملڪ ۾ گهڻي عرصي کان ڪم ڪندڙ سينيئر سفارتڪار مقرر ڪيا ويندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن انهن روايتن جي ابتڙ به ذميواريون سونپون وينديون آهن. مثال طور: ڪئٿولڪ فرقي جي ملڪن جا سفير گڏجي اڪثر ڪري ان ملڪ ۾ مقرر ٿيل رومي ڪليسا جي نمائندي کي پنهنجو چڱو مڙس مڃيندا آهن. اهو سفارتي مُکي (Dean) مقرريءَ واري مُلڪ ۾ مڙني سفيرن جي پاران ميزبان مُلڪي حڪومت سان گڏيل طور تي اهڙا انتظامي ۽ ٻيا روايتي معاملا اُڪلائيندو آهي، جيڪي روزاني زندگيءَ ۾ سفيرن ۽ سندن ڪنٽبن سان واسطو رکندا آهن، ساڳئي وقت، ”سفارتي حلقي“ جا نمائندا، سفيرن جي هڪٻئي سان لهه وچڙ برقرار رکڻ لاءِ سماجي ۽ ثقافتي تقريبن جا انتظام به ڪري سگندا آهن


Remember Me Also:

ٽاڪرو ڪانء

ذ. جابلو علائقي وارو ڪانءُ جيڪو عام رواجي ڪانءَ کان وڏو، پڇ ننڍو، ۽ ڳري آواز ۾ ڪان ڪان ڪري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal